سيد محمد مڪي رحه

سيد محمد مڪيرحه: سيد محمد مڪي برصغير جي رضوي ساداتن جو ڏاڏو هو. سندس قبر ڊپٽي ڪمشنر سکر جي بنگلي جي ڏکڻ طرف هڪ چوديواريءَ اندر آهي. غلام سلطان ناصرالدين محمود جي ڏينهن ۾ 1260ع ۾ مشهد کان سکر ۾ اچي قيام ڪيائين. سيد محمد مڪيءَ جو شجره نسب مٿي وڃي امام علي رضا عه سان ملي ٿو.
سندس اولاد سکر ۽ روهڙيءَ کان سواءِ ٺٽي ۽ نصرپور تائين پکڙجي ويو. مشهور شاعر شاهه عنات رضوي نصرپور وارو به سندس ئي اولاد مان هو. سيد محمد مڪيءَ سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي ابدي آرامي آهي. سندس وفات جي تاريخ جي ڪا پڪي خبر نٿي پوي، پر هر سال سندس عرس تي ربيع الاول جي مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي. سيد محمد مڪيءَ جي درگاهه سکر جي اهم زيارتگاهن مان هڪ آهي.


لفظ سيد محمد مڪي رحهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو